سوامي پرمانند

سوامي پرمانند: سوامي پرمانند 14 جنوري 1898ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو چوڪسرام آسراڻي هو، جيڪو شڪارپور جي نامور سيٺين مان هڪ هو. ماءُ جي وفات کانپوءِ ’پرمانند ڀنڊار‘ قائم ڪيائين. انهيءَ ڀنڊار پاران هن ڌرمي ڪتاب ۽ سنتن جا جيون چرتر ڇپرائي پڌرا ڪيا. سوامي پرمانند هڪ بهترين شاعر به هو. ورهاڱي کانپوءِ هيءُ بمبئيءَ ۾ وڃي رهيو، جتي به پرمانند ڀنڊار وارو سلسلو جاري رکيائين.
9 آگسٽ 1981ع تي وفات ڪيائين.
سندس شاعريءَ جا ڪجھه بند نموني طور ڏجن ٿا:
ڏس پنهنجو پاڻ نظارو، ڪڍي خيال خوديءَ جو سارو
مرشد کئون معنى وٺي، ڪر وحدت تي ڪو وارو
کولي دريون دل جون، پس چؤطرف چمڪارو
هاڻي پاڻ پرمانند ٿيو، ٻڌي حق حقيقي اشارو
چڙهي غيب گگن تي، ڪيو اڏوتن آکارو.


لفظ سوامي پرمانندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1898.01.14  عيسوي

سوامي پرمانند 14 جنوري 1898ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.


1981.08.09  عيسوي

سوامي پرمانند 9 آگسٽ 1981ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحڪيم ارشد
دايو غمدل فقير
راشدي نجي الله شاهه
ضياء جالنڌري
عبدالستارآڪاش ٽکڙائي
جويو دادن فقير
آفاق صديقي
خليفو نبي بخش لغاري
شاهه جهانگير هاشمي
جواد جعفري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون